سمن شاهه

سمن شاهه (پهلوان): سيد سمن شاههرستم پاڪستان‘، 1947ع ۾ ڳوٺ پليجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي قديمي راند ملهه جو پهرين جوڙ جو سگهارو ملهه هو. سمن شاهه کي ملهه جو شوق پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگن کي ڏسي ٿيو، هُن پنهنجي وڏڙن جي روايت کي قائم رکندي ملهه جي تربيت استاد ملهه سومر مرکنڊ کان ورتي ۽ استاد جي اجازت سان 1967ع ڌاري ٽئين جوڙ جي ملهه طور ملاکڙن ۾ شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ سمن شاهه سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملهه جا مقابلا ڪندو رهيو ۽ ٽن سالن جي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ سال 1970ع ۾ پهرين جوڙ جي ملهن ۾ شامل ٿي ويو. سندس پهريون مقابلو جمعي ماڇي صادق آباد واري سان ٿيو. ان کانپوءِ سندس ڪيترا يادگار مقابلا ٿيندا رهيا. سمن شاهه اٽڪل ويهه سال ملهه جي ميدان ۾ پنهنجي پهلوانيءَ جو ڌاڪو ڄمايو. هن قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سمن شاهه ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ميلن ۾ ملاکڙا ڪري وڏو داد ڪمايو. سمن شاهه کاٻي توڙي ساڄي جو وارو ڪندو هو. گهڻا پهلوان کانئس وڙهڻ کان اڪثر ڪيٻائيندا هئا، هو پنهنجي دور جو شهنشاهه ملهه رهيو آهي. هن وقت ڪراڙپ ۽ عليليءَ سبب ملهه گهٽ ٿو وڙهي. سندس ذريعه معاش زمينداري آهي.
سمن شاهه نهايت کلمک ۽ يار ويس ماڻهو آهي، کيس مڃتا طور ڪيترائي انعام ۽ اڪرام ملي چڪا آهن.


لفظ سمن شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو